چونگي/ چُنگي

چونگي/ چُنگي: پاڙي يا عزيزن جي گهرن مان آيل ٻوڙ، ڀاڄيءَ وغيره کي چُونگي چئبو آهي. سنڌ ۾ خاص طور رواج آهي ته گھر ۾ جيڪي رڌبو آهي، اُن تنهن مان ٿورو ذرو وٽيءَ ۾ وجھي پاڙي جي ويجھن گھرن ۾ چونگيءَ طور موڪلبو آهي. فصل جي بٽائيءَ وقت خيرات ۾ ڏنل داڻن کي به چُنگي چوندا آهن.
- ريجيل زمين جي کِرين يا اَڏ جي ڪناري تي هٿرادو پوکيل ٻج جي سلي کي به چُنگي چئبو آهي. اهڙيءَ طرح ڇڊي اڀريل پوک ۾ ڪٿي ڪٿي ڦٽل ٻُوڙي، گاهه يا سلي جي مُچي کي به چُنگي سڏيو ويندو آهي.
- چُنگي، ناڪي يا محصول اوڳاڙڻ واري جاءِ کي به چيو ويندو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو